ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن جو احتجاج، پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي هلڪڙو چوڻ تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر آمهون سامهون، سنڌ اسيمبلي جو ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ايم ڪيو ايم ميمبر پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي گارين دوران احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري ويا. ان ڏس ۾ ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران حليم عادل ڊپٽي اسپيڪر سان مخاطب ٿي چيو ته آئون ايوان اندر قرارداد آڻڻ چاهيان ٿو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته مون اوهان کي اجازت ناهي ڏني، مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڊپٽي اسپيڪر سان مخاطب ٿي چيو ته آئون توهان کان اجازت وٺي ڳالهائڻ جو پابند ناهيان. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آئون جنهن چيئر تي ويٺل آهيان، ان چيئر کان اجازت وٺڻ لازمي آهي، آئون اوهان کي ائين ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندس، جنهن تي پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڊپٽي اسپيڪر سان ڳالهائڻ جي تميز ناهي، هي اسيمبلي ۾ ويٺل آهن يا روڊن تي؟ هتي اهو طريقو هلڻ نه ڏينداسين. جنهن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڊپٽي اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي ۽ شرجيل ميمڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهڙن هلڪڙن ڪري اسيمبلي جا هي حال ٿيا آهن. لفظ هلڪڙي تي شرجيل ميمڻ سخت ڪاوڙجي پيو، هن حليم عادل شيخ تي الرون ڪيون، انهي دوران ايوان ڪافي دير تائين مڇي مارڪيٽ بڻيل رهيو، ميمبر هڪ ٻئي کي گٿا لفظ ڳالهائيندا رهيا ان دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پ پ ميمبر هڪٻئي کي گارگند ڪري رهيا آهن، انڪري اسان ڪارروائي جو حصو نٿا بڻجون ۽ بائڪاٽ ڪري وڃون ٿا. ڊپٽي اسپيڪر ميمبرن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن ميمبرن ماٺ نه ٿيا ته اجلاس اڄ 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.