لاهور(بيورو رپورٽ) کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ۾ نيب راولپنڊي پنجاب جي وزيرن ميان اسلم اقبال ۽ سميع الله چوڌري کي 4 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي. ٻنهي وزيرن کي نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو جن کان نيب جي گڏيل جاچ ٽيم جاچ ڪندي. ٻنهي اسيمبلي ميمبرن کي 2018 کان 2019 ۾ شگر تي ڏنل سبسڊي جو رڪارڊ به آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايڪسپورٽ جو اجازت نامو ڏيڻ جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پنجاب ۾ شگرملن کي ڏنل سبسڊي جو رڪارڊ به گهري ورتو آهي. نيب شگر اسڪينڊل جي جاچ مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 جي تحت ڪري رهيو آهي.