سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ محمود الحسن مھر ۾ برساتي پاڻي کي ڏنل بند کي 15 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنھن سبب 20 گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا، ڪنگھل ڍنڍ کان ايندڙ برساتي پاڻي پورو ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيو، ڳوٺاڻا گھرن مان سامان به نه ڪڍي سگهيا، متاثرن ۾ مولوي مجيد مھر، سيف الرحمان، ضياءُ الرحمان، عبدالغفور ۽ ٻيا شامل آھن، ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته ڪنگھل ڍنڍ مان نيڪال ٿيندڙ پاڻي کي کاھي ڀرسان ڳوٺ صالح راڄڙ وٽان بند ڏنل ھجڻ ڪري پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه آيو، جنهن ڪري پاڻي واپس وڃي ڳوٺ ٻوڙڻ لڳو آهي، هنن چيو ته اڳ ۾ ڳوٺ الھه بخش نھڙي ۽ ڪالهه محمود الحسن مھر ٻڏي ويو، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور مدد ڪري اسان جو سامان گھرن مان ڪڍرايو وڃي، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اي سي سنڌڙي ٻڌايو متاثر ڳوٺ ۾ ٽيمون موڪليون پيا، جيتري ممڪن ٿي مدد ڪنداسين، اطلاع تي آبپاشي عملو متاثر ڳوٺ پھتو پر گھارو بند ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون.