ننگرپارڪر (ن پ ا) ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي کارسر جبل مان قيمتي گرينائيٽ جا پٿر ڪڍڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، جنهن جون تصويرون پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتيون آهن، تصويرن ۾ بااثر ڌر جي کارسر جبل ۾ قائم گرينائيٽ جا قيمتي پٿر ڪڍڻ واريون مشينون ۽ ڪيمپ آفيس به نظر اچي رهي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته روزانو سوين مڻ قيمتي پٿر ڌماڪن سان ٽوڙي هيوي ٽرالرز ذريعي ڪراچي پهچائڻ جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ سماجي اڳواڻ پونم سنگهه ۽ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو ٻڌايو ته ڪارونجهر جنگي حالت ۾ دفاعي مورچو ۽ هزارين جاندارن جي جياپي جو ذريعو آهي، غيرقانوني ڪٽائي جو نوٽيس وٺي ڪارونجهر بچايو وڃي.