جھول (ن پ ا) جھول شھر جي واٽر سپلاءِ جي تلائن کي پاڻي فراهم ڪندڙ نالي ۾ شهر ويجهو پنجن ڏينهن کان مئل ڪتو پيل آهي پر ان جي باوجود پاڻي شهرين کي فراهم ڪيو پيو وڃي،ڪالهه ڪتو مئل پيل هجڻ واري سڌ پوڻ تي شهري وڏي انگ ۾ پهتا جن ان کي نالي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪتو ڳري وڃڻ سبب ٻاهر نڪري نه سگهيو، شهرين جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن مئل ڪتو ڪڍڻ لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ڪيون، شهرين موجب نالي مٿان پبلڪ هيلٿ جا بيلدار پڻ مقرر ٿيل آهن پر انهن به خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، شهرين مئل ڪتو ڪڍرائڻ جو مطالبو ڪيو.