سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي سب ڊويزن جي سمورين شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي ھڪ ھفتي لاءِ مڪمل بند ڪرڻ خلاف سنڌڙي چوڪ تي ڌرڻو، کپرو، سانگھڙ، ميرپورخاص روڊ بلاڪ، ٽائرن کي باھيون، ٽريفڪ معطل. مٺڙائو ڪئنال جي سمورين شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پاڻي جي کوٽ جو جواز ڏيکاري بند ڪرڻ لاءِ ايڪسين مٺڙائو ڪئنال ھڪ ليٽر ذريعي 16 مئي کان 23 مئي تائين سنڌڙي سب ڊويزن جون سموريون شاخون بند ڪرڻ خلاف آتڻا موري جي آبادگار پيراڻو مھر، لاکو مڱريو، رزاق راھو، راشد راھو، رمضان راھو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ھنن چيو ته نارا ڪئنال ۾ 14 ھزار ڪيوسڪ جي گنجائش آھي اڌ کان وڌيڪ 9 ھزار ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي ھلي رھيو آھي پوءِ به 50 سيڪڙو کوٽ ڏيکاري اڳ ۾ 15 ڏينھن روٽيشن ڪئي پئي وڃي. ھنن چيو ته آبپاشي عملو ھاڻ نوان آرڊر ڪڍي 75 سيڪڙو کوٽ جي برابر 21 ڏينھن کانپوءِ پاڻي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي جنھن ڪري پوري مھيني ۾ ھڪ وارو پاڻي ملڻ ڪري فصل تباهه ٿي ويندا ۽ زمينون بنجر بڻجي وينديون، اسان جو گذر سفر فصل تي آھي. ھنن چيو ته ھڪ طرف طوفان ۽ برساتون ٻئي طرف ھٿرادو واري بندي ڪئي پئي وڃي، واضع رھي روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيجھي ويو مسافر پريشان ٿيڻ لڳا ان دوران مسافرن ۽ مظاھرين ۾ منھن ماري ٿيڻ ڪري پوليس پھچي خاطري ڪرائي روڊ کوليو، پوليس موجب مظاھرين لٺيون کڻي جھيڙو جو ارادو ڪري آيا ھئا جنھن تي پوليس امن امان ڪرايو، ٻئي طرف سعيدڪي پلي شاخ کولي وئي آھي