ڪڍڻ (ن پ ا) آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي گوني شاخ جي پوڇڙ وارن آبادگارن دانهيو آهي ته منڍ جا آبادگار دڪا ھڻي، لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. پوڇڙ جي آبادگارن يحيٰ بروھي، موسيٰ راهمون، عبدالطيف راهمون ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گوني شاخ جا منڍ وارا آبادگار واٽر ڪورس ٽوڙي ڳنڍا ڏئي، لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ا ڪير به ٻڌڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. پوڇڙ وارا پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آھن، فصل ته سڙي تباهه ٿي آھن. ھنن زراعت واري صوبائي وزير ۽ ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پوڇڙ تائين رسائي يقيني نه بڻائي وئي ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.