سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوپائي مال ۾ بيماري سبب ڪيترائي ڍور مري ويا، مالوند سخت پريشان آهن. ساڃاهه وند ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي پنوعاقل جي علائقي سلطانپور، چيچڙو، ھاليجوي، جلال ڳوٺ ۽ پسگردائي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي ويڪسين ڪرايون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ ضلعي آفيس سکر اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو.