ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي خودڪش حملي جو منصوبو ناڪام، سي ٽي ڊي ۽ رينجرز اختيارين ڄامشوري ويجهو گڏيل آپريشن ڪندي 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) عمر شاهد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڄامشوري مان گرفتار دهشتگردن سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي خودڪش حملي جو منصوبو رٿيو هو، هنن ريڪي پڻ ڪري ورتي هئي، جڏهن ته جوابدارن ٽريننگ سينٽر جا فوٽيجز به تيار ڪيا هئا. عمر شاهد وڌيڪ چيو ته گرفتار دهشتگردن ۾ 2 خودڪش حملا آور به شامل آهن، جن کان 2 خودڪش جيڪٽون، سعيدآباد ٽريننگ سينٽر جو نقشو، موبائل فونز، سي ڊيز، پوليس يونيفارم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، هن چيو ته دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان آيا هئا. گرفتار دهشتگردن ۾ شيراز اڪبر عرف حمزه، لياقت علي عرف حذيفه، ميرويس عرف حشام، عامر خان ۽ نگار علي عرف زيد شامل آهن، جن مان عامر خان ۽ نگار علي خودڪش بمبار آهن. رينجرز جي ڪرنل شبير پريس ڪانفرنس دوران چيو ته گرفتار دهشتگردن کان جاچ ۾ اهم ڳالهيون سامهون آيون آهن، جوابدار طورخم رستي پاڪستان آيا هئا، دهشتگردن کان سعيد آباد ٽريننگ سينٽر جي ريڪي جون ويڊيوز به مليون آهن.