ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جي تعلقي اسپتال لڳ کنڊو روڊ تي بجلي جي تار ڪرڻ سبب فوت ٿيل عبدالحڪيم ڇٽو، سندس پٽ غلام قادر چٽو ۽ پوٽي جاويد ڇٽو جي وارثن محمد شريف ڇٽو ۽ ٻين ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي تي پهچي حيسڪو ٽنڊوآدم جي ايڪسئين عزيز ڀٽو، حيسڪو اڏيرو لال جي ايس ڊي او غياث الدين شيخ ۽ ايل ايس امام بخش مشوري خلاف غفلت جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي. جڏهن ته حيسڪو چيف پاران ايڪسئين عزيز ڀٽو، ايس ڊي او غياث الدين شيخ، ايل ايس امام بخش مشوري کي معطل ڪري ڇڏيو. سٽي پوليس ايس ڊي او حيسڪو اڏيرو لعل غياث الدين ۽ ايل ايس امام بخش مشوري کي گرفتار ڪري ورتو ڪار به پنهنجي تحويل ۾ ورتي.