سرحد(ن پ ا) سکر ملتان موٽروي تي روڊ حادثن جي روڪٿام توڙي بهتر ڊرائيوري لاءِ موٽروي پوليس پاران آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آھي. ان سلسلي ۾ موٽروي پوليس پاران ڊي ايس پي سيد خرم عباس شاهه، ايڊمن آفيسر ارشاد نوناري، آپريشنل آفيسر علي اڪبر نائچ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر ملتان ايم فائيو موٽروي تي ڪارروائيون ڪيون ويون، ان موقعي تي 360 گاڏين مان ايل اي ڊي ۽ هائي لائيٽن کي لاٿو ويو، جڏهن ته ڪاروائين دوران 219 گاڏين مٿان ڏنڊ پڻ وڌو ويو،