لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني جي رهواسي گونگي ۽ ٻوڙي نوجوان مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نوجوان صدام حسين جمالي طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب ته هو زبان کان گونگو ۽ ڪنن کان ٻوڙو آهي، جنهن جي ڪري بيروزگار بڻيل آهي، کيس ٻن معصوم ٻارن جي اولاد آهي، بيروزگاري سبب بچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مالي سهائتا ڪئي وڃي، جئين ٻچڙن کي عيد ڪرائي سگهان.