سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ گذريل ڏينهن ڏينهن ڏٺي جو سجاول ۾ برف ڪارخاني لڳ ڊاڪٽر گلي ۾ نامعلوم هٿياربند شھري سڪندر راهمون تي حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ کانئس 11 هزار رپيا روڪ رقم ۽ هونڊا 125 موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي  ويا، سجاول پوليس اسٽيشن تي اهڙو اطلاع ڏيڻ بعد متاثر شھري کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ سجاول جي شھرين پاران سجاول پوليس جي ناڪاره ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.