ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ برساتن کانپوءِ پاڻي بيھڻ ڪري شهر جا مک رستا کنڊو روڊ محمدي چوڪ کان ڊاڪٽر رفيق چوڪ ، جمن شاھ روڊ ، ايم اي جناح روڊ مڪمل طور تي ٽٽي تباھ ٿي ويا آهن، روڊن ۾ گوڏي جيڏا کڏا پوڻ ڪري شهرين جو هلڻ ڦرڻ  مشڪل بڻجي ويو آھي، ان حوالي سان شهرين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي روڊ ٺهرايا وڃن.