ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ساڪري لڳ لديا اسٽاپ کان ٻرندڪي ويندڙ 15 ورھين جي رمضان ملاح کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي جھنگ ۾ کڻي وڃي بدفعليءَ جو شڪار بڻايو ويو. متاثر نينگر ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي پھچي جوابدار غلام نبي مري خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آھي، پر آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي. ٻئي طرف مبينا زيادتي جو شڪار بڻيل رمضان ملاح ٻڌايو ته ھو لڌيا اسٽاپ کان پنڌ ڳوٺ ڏانھن وڃي رھيو ھو ته جوابدار کيس رستي مان ھٿيارن جي زور تي کنڀي جھنگ ۾ کڻي وڃي زيادتي ڪئي. ياد رهي ته ڏينھن اڳ پڻ ميرپور ساڪرو پوليس اسٽيشن جي حد ڇڇ ميرانخور جي ڳوٺ عثمان چنڊاڻي جي رھواسي پورھيت محمد چنڊاڻي ملاح جي گم ٿي ويل معصوم پٽ اسماعيل چنڊاڻي کي وحشي جوابدارن زيادتي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري لاش ڳوٺ ويجھو زمين ۾ پوري ڇڏيو ھو، جنھن جو پڻ ڪيس ساڪرو ٿاڻي تي ڪيس درج ٿيل آهي.