ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ڦاٽڪ تي ايس او پيز جي خلاف ورزي ۽ لاڪ ڊائون تي عمل درآمد ڪرائڻ دوران پوليس ۽ ريڙهي وارين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ مڪون لڳڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار لياقت کوسو سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور ڄامشورو جي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جهيڙي بعد ايس ايچ او ڄامشورو جهيڙي واري هنڌ پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڄامشورو آدم ابڙو ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ايس او پيز عمل درآمد ۽ لاڪ ڊائون تحت دڪان بند ڪرائي رهيا هئا ته ان دوران انور سولنگي، سعيد سولنگي، ۽ مير محمد سهاڳ پوليس تي ڊمرجي پيا ۽ پوليس اهلڪار تي تشدد ڪيو، جنهن کان پوءِ ٽنهي نامزد ۽ پنجن نامعلوم جوابدارن خلاف ڄامشورو ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاء، اقدام قتل، ايس او پيز جي خلاف ورزي تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ ٽنهي جوابدارن گرفتار پڻ ڪيو آهي.