ڄامشورو (رپورٽر ) ڄامشوري ويجهو ايم نائن موٽر وي تي خوراڪ کاتي جي عملدارن وڏي ڪارروائي ڪندي ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالرن کي هٿ ڪري ورتو آهي جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، خوراڪ کاتي جي عملدارن موجب ٽرالرن ۾ لکين رپين جي ماليت جي ڪڻڪ آهي، جنهن کي غيرقانوني طور تي سکر کان ڪراچي طرف منتقل ڪيو پئي ويو. ڊي ايف سي ڄامشورو فراز عالم رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪڻڪ جون ٻوريون تحويل ۾ وٺي ضبط ڪري سرڪاري گدام ۾ منتقل ڪيون پيون وڃن، ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هٿ ڪيل ڪڻڪ کي پابندي باوجود ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو، ٽرالرن ۾ 775 ٻوريون ڪڻڪ جون لوڊ ٿيل آهن، جيڪا 1475 ميٽرڪ ٽن آهي، تحويل ۾ ورتل ٽرالر کي ٻولهاڙي گودام طرف منتقل ڪيو پيو وڃي.