ساڍا 4 هزار رپين ۾ ورتل قديمي چمچي خريدار کي لک پتي بڻائي ڇڏيو

0
364

لنڊن (دلچسپ نيوز) ساڍا 4 هزار رپين ۾ ورتل قديمي چمچي خريدار کي لک پتي بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا ۾ اڪيا جي اسٽور مان هڪ همراهه 13 هين صدي جي هڪ قديمي چمچو خريد ڪيو، اهوچمچ ساڍا 4 هزار رپين ۾ خريد ڪيو ويو، چمچو جو هينڊل 5 انچ ۽ رومن نموني تي ٺهيل آهي،خريدار چاندي مان ٺهيل ان چمچي کي ناياب ۽ قديمي شين جي هڪ نمائش ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو،چمچي جي شروعاتي قيمت هڪ لک رپيا رکي وئي ۽ آخري ٻولي 5 لک 26 هزار رپيا لڳائي وئي. ان حوالي سان نمائش ۾ آيل ماهرن جو چوڻ هو تهقديمي چمچو زمين اندر دٻايو ويو هو، جنهن به انکي اسٽور ۾ وڪڻڻ لاءِ رکيو اهو اڻ ڄاڻ هو انکي خبر ئي نه هئي ته اهو چمچو ڪيترو پراڻو آهي جڏهن ته ان چمچي کي نمائش ۾ آڻيندڙ شخص به ان کان بي خبر هو. ماهرن موجب جڏهن انهن اهو چمچو ڌٺو ته کين اندازو ٿي ويو هو ته اهو 13 هين صدي جو رومن چمچو آهي.