ساڄڙ ۽ کاٻڙ

0
237
خوشي

 اسان انسانن جو جسم به جيتوڻيڪ ٻين ڪيترن ئي جانورن وانگر ڊيگهھ جي لحاظ کان ٻن ھڪجھڙن پاسن ۽ عضون تي مشتمل (Symmetrical) آھي پر تڏھن به اسان پنھنجي روزمرہ زندگيءَ ۾ اڪثر ڪمن ڪارين ۾ پنھنجي جسم جو ھڪ پاسو خاص ڪري لکڻ، ماني کائڻ يا بال اڇلائڻ لاءِ ھڪ ھٿ وڌيڪ استعمال ڪندا آهيون، ٻين لفظن ۾ اسان ساڄڙ يا کاٻڙ ھوندا آھيون. اچو ته ان متعلق ڪجھه وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون.اسان انسان ڪمن ڪارين ۾ ھٿن جي استعمال جي ترجيح جي لحاظ کان ساڄڙ، کاٻڙ، ٻئي ھٿ ھڪ جيترا استعمال ڪندڙ ۽ مختلف ڪم مختلف ھٿن سان ڪندڙ ھوندا آھيون. عام اندازي مطابق دنيا ۾ 90 سيڪڙو ماڻھو ساڄڙ ھوندا آھن، جڏھن ته 8سيڪڙو ماڻھو کاٻڙ، 01سيڪڙو کان ٿورو وڌيڪ ماڻھو ٻنھي ھٿن سان ھڪ جھڙو ڪم ڪرڻ وارا (Ambidextrous) ھوندا آھن، جڏھن ته01سيڪڙو کان به گھٽ تعداد ۾ ماڻھو مختلف ڪم مختلف ھٿن سان ڪندڙ (Cross dominant or Mix-handed) ھوندا آھن.

                 اسان جو ساڄڙ يا کاٻڙ توڙي ھڪ جيترو ساڄڙ ۽ کاٻڙ ھجڻ وغيرہ جو تعلق گھڻو تڻو جينياتي ھوندو آھي ۽ اھو لاڙو ڄائي ڄم کان ھوندو آھي يعني ان جو مشاھدو اڄڪلھه الٽراسائونڊ وسيلي ٻار جو ماءُ جي پيٽ اندر (ساڄو يا کاٻو ھٿ وات ۾ وجھڻ ۽ چوسڻ جي ترجيح سان) پڻ ڪيو ويو آھي. جينياتي سببن کان علاوہ ماحولياتي، ثقافتي ۽ جذباتي اثرن (حمل دوران ماءُ جو ڊپريشن يا ڳڻتي ۽ خوف ۾ مبتلا ھجڻ جي ڪري ٻار اڪثر کاٻڙ يا ٻئي ھٿ ھڪجيترو استعمال ڪندڙ بڻجي ويندا آھن) سبب ڪمن ڪارين ۾ ھٿن جي ترجيح متاثر ٿئي ٿي. جديد سائنس مطابق انسان جي  نر يا مادي توليدي جزي جي DNA ۾ ھڪ مخصوص (اٺٽيھين) نيوڪليوٽائيڊ تي ٻن (alleles) اليل D يا C مان ڪنھن به ھڪ اليل جي موجودگي ٻار جي ساڄڙ يا کاٻڙ وغيرہ جي ترجيح جو تعين ڪري ٿي. ھنن ۾ D ساڄڙ کي ظاھر ڪري ٿو جڏھن ته C اتفاق يعني ساڄڙ يا کاٻڙ مان اتفاقي طور تي ڪو به ٿيڻ کي ظاھر ڪري ٿو. مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ دوران انھن جي جوڙجڪ جون چار امڪاني صورتون ٿي سگھن ٿيون:DD)، (CC)، (DC)، (CD)). ڊي-ڊي ساڄڙ کي، سي-سي اتفاقي طور ساڄڙ يا کاٻڙ ھجڻ کي، ڊي سي ۽ سي ڊي ساڄڙ کاٻڙ جي مليل جليل ھجڻ جي رجحان کي ظاھر ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ ٻنھي ساڄڙ والدين جو اولاد 90سيڪڙو امڪاني طور ساڄڙ ھوندو، ٻنھي کاٻڙ والدين جو اولاد ھڪ جيترو ممڪن آھي ته اھو ساڄڙ ھجي يا کاٻڙ ھجي، باقي رھيل جينياتي سنجوڳ جا حامل ٻار ٻنھي ھٿن سان ھڪجھڙو ڪم ڪندڙ يا وري مختلف ڪم مختلف ھٿن سان ڪندڙ ھوندا آھن.

اسان جو دماغ تقريبن ھڪ سئو ارب (۱۰۰ بلين) دماغي جيوگھرڙن يا نيورانز تي مشتمل آھي ۽ اھي نيورانز ھڪ ٻئي سان ھڪ لک ارب (ھڪ سئو ٽرلين) رابطن جا ڄار ٺاھي سگھن ٿا. اسان جو دماغ جيتوڻيڪ ھڪ وحدت طور عمل ڪندو آھي پر پوءِ به ان کي ٻن حصن يعني ساڄي مغز ۽ کاٻي مغز ۾ ورھايو ويندو آھي ۽ اھي مغز اسان جي جسم جي پاسن کي الڳ الڳ ڪنٽرول ڪن ٿا. ساڄو مغز گھڻو ڪري عڪسي يا بصري معلومات ۽ ان جي تجزئي سان واسطو رکي ٿو. اسان جا جذبات، احساسات، تصوراتي ۽ وجداني ڪھاڻيون جوڙڻ جي صلاحيت يعني آرٽ ۽ فن ساڄي مغز سان واسطو رکن ٿا؛ جڏھن ته کاٻو مغز لفظن يعني پڙھڻ، لکڻ ۽ حساب ڪتاب جي معلومات ۽ ان جي تجزئي سان لاڳاپيل آھي ان ڪري ان کي منطقي ۽ مشاھداتي يا سائنسي ڄاڻ وارو پاسو پڻ چئبو آھي. اھو ئي سبب آھي ته عام طور تي سائنسدانن ۽ محققن کي کاٻي مغز وارا ۽ شاعرن ۽ فنڪارن کي ساڄي مغز وارا ماڻھو چئبو آھي. ٻنھي مغزن جي وچ ۾ ڪيترائي تنتي ۽ نيوراني رستا ھڪ ٻئي کي ڳنڍين ٿا انڪري دماغ ھڪ وحدت طور ڪم ڪندو آھي. جيئن ته ساڄي ۽ کاٻي مغز مان نڪرندڙ رابطن جون مکيه  تنتي ڏوريون ھڪ وٽ کائي ھيٺ لھن ٿيون انڪري اسان جو ساڄو مغز جسم جي کاٻي پاسي کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ اسان جو کاٻو مغز جسم جي ساڄي پاسي کي ڪنٽرول ڪري ٿو.ماضيءَ ۾ کاٻڙ ماڻھن لاءِ چيو ويندو ھو ته انھن جو ساڄو مغز وڌيڪ سرگرم ھوندو آھي ان ڪري انھن کي فن، راندين ۽ تخليقي صلاحيتن جي حوالي سان وڌيڪ فعال ۽ ڀرپور سمجھيو ويندو ھو، پر جديد سائنسي تحقيق ان ڏس ۾ ان نظرئي کي ثبوتن جي بنياد تي گھڻو تڻو رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ واضح ڪيو آھي ته ساڄڙ ۽ کاٻڙ ھجڻ ٻه الڳ رجحان آھن جن جو ماڻھن جي مجموعي تخليقي صلاحيتن ۽ ساڄي مغز جي سرگرم ھجڻ سان ڪو خاص تعلق نه آھي. سائنسدان ان جي وضاحت ايئن ڪن ٿا ته جيئن ته اسان جي معاشري ۾ ساڄڙ ماڻھو تمام گھڻا آھن ان ڪري راندين جي تربيت ڏيندڙ ماھر رانديگرن کي اڪثريتي ۽ روايتي ساڄڙ حريفن جي حساب سان داءُ پيچ سيکاريندا آھن. ان ڪري جڏھن اتفاقي طور سندن حريف کاٻڙ ھوندو آھي ته اھو روايتي تربيت توڙي مد مقابل جي ان ڪمزوريءَ مان فائدو حاصل ڪري بھتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو آھي.

اسان جي معاشري ۾ جيئن ته نوي سيڪڙو ماڻھو ساڄڙ آھن ۽ کاٻڙ اقليت ۾ آھن ان ڪري معاشري ۾ انھن سان غير شعوري سطح تي ڪيترن ئي شعبن ۾ ناانصافي ٿيندي پئي اچي. پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي حوالي سان اڪثر استاد ٻارن جي کاٻڙ ھجڻ جي فطري  رجحان کي نظراندز ڪري انھن کي ٻين ٻارن وانگر ساڄي ھٿ سان لکڻ لاءِ مجبور ڪندا آھن جيڪو سراسر ظلم آھي. جيتوڻيڪ اھا ڳالھه استادن جي پيشه ورانه تدريسي ۽ تربيتي ڊگرين جھڙوڪ بي- ايڊ وغيرہ ۾ واضح نموني بيان ٿيل آھي پر جيئن ته اھي توڙي ٻيون ڊگريون اسان وٽ فقط ڪاغذي ڊگريون ھونديون آھن ان ڪري اڪثر استادن کي ھن مسئلي جي خبر نه ھوندي آھي. ٻيو ته صنعتن ۾ ٺھندڙ توڙي استعمال ۾ ايندڙ سڀ اوزار ساڄڙ ماڻھن لاءِ ٺھيل ھوندا آھن جھڙوڪ ڪينچيون، تالا، چاٻيون، پينسلن گھڙڻ جا سانچا، شاگردن جي لکڻ لاءِ ٽيبل واريون ڪرسيون، نٽ بولٽ ۽ پانا، چوڙيءَ يا ڦيري تي کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ نلڪا ۽ ٻيا اوزار وغيرہ. اھي اوزار کاٻڙ ماڻھن لاءِ موزون نه آھن.مٿئين بحث مان اسان اھو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته اسان مان ۹۰ سيڪڙو ماڻھو ساڄڙ ھوندا آھن؛ جڏھن ته اٺ سيڪڙو ماڻھو کاٻڙ ھوندا آھن، باقي رھيل ٻه سيڪڙو ماڻھن ۾ ھڪ ئي وقت ھڪجيترا ساڄڙ يا کاٻڙ ھوندا آھن ۽ ڪجھه وري اھڙا ماڻھو ھوندا آھن جيڪي ڪجھه ڪمن لاءِ ساڄو ھٿ ته ڪجھه ڪمن لاءِ وري کاٻو ھٿ استعمال ڪندا آھن. اسان کي گھرجي ته کاٻڙ شاگردن کي ساڄي ھٿ سان لکڻ توڙي ماني کائڻ لاءِ مجبور نه ڪريون ۽ انھن لاءِ روزمره زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ جي مناسب اوزارن جي فراھمي کي يقيني بڻايون!