سامونڊي طوفان “بائپر جوائي” پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي علائقن ڏانهن رُخ ڪري ورتو

0
625
سامونڊي طوفان “بائپر جوائي” پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي علائقن ڏانهن رُخ ڪري ورتو
سامونڊي طوفان “بائپر جوائي” پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي علائقن ڏانهن رُخ ڪري ورتو

سامونڊي طوفان بائپر جوائي جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي ۽ هاڻ طوفان پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي علائقن ڏانهن رُخ ڪيو آهي

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ڏکڻ اوڀر سمنڊ ۾ موجود سامونڊي طوفان بائپر جوائي جو رخ تبديل ٿي چڪو آهي، جيڪو هاڻ اتر ۽ اوڀر طرف وڌي  رهيو آهي

چيف ميٽولاجسٽ موجب ڀارت ۽ پاڪستان جا سامونڊي علائقا به ان ٽريڪ ۾ اچن ٿا، طوفان ايندڙ ٻن ڏينهن تائين اتر ۽ اتر اوڀر واري ٽريڪ تي رهندو

هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 1120 ڪلوميٽر پري آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ طوفاني برسات جون تباهڪاريون: جاني ۽ مالي نقصان ڪيترو ٿيو؟