پانامه ڪيس: جاچ ادارن جي موجودگي ۾ سپريم ڪورٽ جاچ ڪيئن ڪرائي سگهي ٿي؟ جسٽس سردار طارق

0
327

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق چيو آهي ته جاچ ادارن جي موجودگي ۾ سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي جاچ ڪيئن ٿي ڪرائي سگهي؟ آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو ڏوهه نه آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪمپني ٺاهي ڪيئن وئي، 436 ماڻهن خلاف ائين آرڊر جاري ڪرڻ انصاف جي خلاف هوندو

جماعت اسلامي جي وڪيل پاران پاناما ڪيس ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

Panama Case: JIT directed to complete probe within 60 days

 جسٽس سردار طارق رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي 7 سالن کانپوءِ ياد آيو آهي ته هي عوامي مفاد جو معاملو آهي، ان وقت ڇا رڳو هڪ ئي خاندان جي خلاف پاناما ڪيس هلائڻ هو؟ اُن وقت سڀني خلاف گڏائي ڪيس ٻڌڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو؟

هن چيو ته جماعت اسلامي 7 سالن دوران ڪنهن اداري آڏو شڪايت ڇو نه ڪئي؟ سمورا ڪم هاڻي سپريم ڪورٽ ئي ڪري؟ 436 ماڻهن کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ هنن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڪيئن ڏيون؟ انهن 436 ماڻهن ۾ ڪاروباري ماڻهو به هوندا، ڇا توهان انهن کي ڀڄائڻ چاهيو ٿا؟

جسٽس سردار طارق چيو ته هن معاملي تي عدالت جو ڪلهو استعمال نه ڪيو، عدالت پاران مهيني لاءِ ٻڌڻي ملتوي، پاناما ڪيس ۾ 436 پاڪستانين مان رڳو نوازشريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي صفدر اعواڻ جي نااهلي ٿي هئي