سائيفر ڪيس جي جيل ۾ ٽرائل خلاف درخواست تي جلد فيصلو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين: عدالت

0
118
وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا آهن ته سائيفر ڪيس جي جيل ۾ ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين

جيل ۾ ٽرائل ۽ جج جي مقرري خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين درخواست تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري چڪي آهي، جلد فيصلو ٻڌائڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي متفرق درخواست تي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ پاران وڪيل شير افضل مروت پيش ٿيو

 وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڊيالا جيل منتقلي بعد پي ٽي آءِ چيئرمين کي بي ڪلاس نه ڏنو ويو آهي، اتي واڪ ڪرڻ جي جڳهه به نه آهي

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان جي درخواست تي ٻن ٽن ڏينهن ۾ آرڊر ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين پاران درخواست ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ وارن ڪيسن جي ٻڌڻيءَ جي اختيار کي به چئلينج ڪيو ويو آهي