قمبر (رپورٽر)  سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر زاهده شيخ جي پنجين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن قمبر ۾ زاهده شيخ جي آخري آرامگاھ تي پهچي کيس گلن جي چادر چاڙهي، انقلابي ۽ قومي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري سنڌو ملاح، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ غلام مصفي چانڊيو، عرفان منان، اياز جمال چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته زاهده شيخ هن جاگيرداڻي سماج ۾ عورتن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي ساڻن ٿيندڙ ناانصافين بابت جاڳرتا ۽ شعور ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته زاهده شيخ جي ورسي جي مک تقريب 8 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيندي جتي سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان انقلابي ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري کيس ثقافتي رنگن سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.