ڪريم بخش کوسو (ن پ ا ) ڪريم بخش کوسو ۾ 6 ڏينهن اڳ چوري ٿيل واٽر سپلاءِ جو يو پي ايس، موٽر ۽ قيمتي مشينري واپس نه ٿي سگهي، 300 کان وڌيڪ گهرن کي مٺي پاڻي جي فراهمي بند آهي، شهرين رياض ابڙو، منظور احمد، شاهد علي، محبوب علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 6 ڏينهن کان گهرن ۾ مٺي پاڻي جي سپلاءِ بند آهي، مٺو پاڻي ڏورانهن علائقن کان ڀرڻ تي مجبور آهيون، نوٽيس وٺي واٽر سپلاءِ کي بحال ڪري گهرن تائين مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ جو جلد بندوبست ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس موجب واٽر سپلاءِ جي چوري ٿيل سامان جي ڳولا جاري آهي، جلد واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪبو.