پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾ هاڃيڪار اٽو وڪرو ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پڪل ماني کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڳوٺاڻن حسن آرائين  محسن علي  جهڳو ڪولھي ۽ ٻين چيو ته پنگريو ۾ واپارين صحت لاء نقصانڪار اٽو وڪرو ڪيو جنھن سان کين پيٽ ۾ تڪليف ٿي پئي ڪاٺيون وڪڻي پنج ھزار رپيا مڻ اٽو ورتو جنھن ۾ ملاوٽ ٿيل ھئي، جنھن اٽي جو گھر ۾ استعمال ڪرڻ سان ڀاتي بيمار ٿي پيا جنھن ۾ ھڪ ڀاتي کي پيٽ ۾ سور جي شڪايت ٿي پئي اھڙي  خراب اٽي جي نشادھي ڪرڻ لاء جڏھن چڪي مالڪن وٽ ويا سين ته انھن ڌمڪيون ڏنيون  ۽ چيو ته جنھن کي وڻي شڪايت ڪيو ڪجھ به نه ٿيندو ھنن وڌيڪ چيو ته پنگريو ۾ سستي اٽي جي گاڏي ايندي ھئي پر اھا به ٻن ھفتن کان بند آهي ھنن گھر ڪئي ته صحت لاء خراب اٽي جي جاچ ڪري سستي اٽي جا اسٽال لڳائي صحتمند اٽي جي فراھمي يقيني بڻائي وڃي.