ڪراچي (رپورٽون: اعظم سهرياڻي+عزيز ملڪ+نظير ٿهيم+برڪت ميراڻي+ماجد سنگهڙ+ فاروق سومرو) ڏهرڪي لڳ ٻن بدنصيب مسافر ٽرينن ۾ خوفناڪ حادثو، 51 مسافراجل جو شڪار ٿي ويا، 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،3 بوگيون مڪمل طور تباهه ٿي ويون، لاشن ۽ زخمين کي ڪٽر مشينن ذريعي بوگين کي ڪٽي ٻاهر ڪڍيو ويو، چئن ڪلاڪن تائين ريسڪيو ٽيمون نه پهچڻ ڪري زخمي مسافر بي يارو مدد گار تڙپندا رهيا، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي حادثي واري هنڌ پهچي گاڏي ۾ ويهي معائنو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بدران کسڪي ويو، پاڪ آرمي، رينجرز ۽ پوليس سان گڏ ڳوٺاڻا به ريسڪيو ڪندا رهيا پنو عاقل ڇانوڻي کان آرمي جا ٻه هيليڪاپٽر به امدادي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيا، ڪيترائي لاش اوٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو جي اسپتالن ۾ پيل حڪومت طرفان لاش گهرن تائين پهچائڻ لاء به ڪو بندوبست نه ڪيو ويو. خبر موجب گذريل ڏينهن اسر ويل ڏهرڪي ڀرسان ريتي ريلوي اسٽيشن گهنڃا موڙ وٽ ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ ملت ايڪسپريس جون 6 بوگيون اوچتو ٽٽي ڊائون ٽريڪ کان اپ ٽريڪ تي وڃي ڪريون. ان جي هڪ منٽ بعد پنجاب کان ڪراچي ويندڙ سر سيد احمد خان ٽرين اپ ٽريڪ تي پهتي ته ڪريل بوگين ۽ ٽرين وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز ميلن تائين ٻڌڻ ۾ آيو رات جي آخري پھر ۽ اونداهيءَ سبب علائقي واسين کي سمجهڻ ۽ پھچڻ ۾ وقت لڳي ويو پوءِ به زخمين جي دانهن تي ڀرپاسي جا سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا جتي زخمين جي رڙين ڪوڪن سبب علائقي ۾ قيامت برپا ٿيل ھئي ھر طرف قيامت صغرا جو منظر ڇانيل ھيو حادثي جي نتيجي ۾ سر سيد احمد خان ۽ ملت ايڪپريس جون 3 بوگيون مڪمل طور تباهه ٿي ملبي جو ڍير بڻجي ويون. ٻنهي بدنصيب ٽرينن جا 48 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ۽150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوء چئن ڪلاڪن تائين حادثي جا زخمي واقعي واري هنڌ بي يارو مدد گارتڙپندا رهيا. ريسڪيو ٽيمون ايمرجنسي ۾ نه پهچڻ ڪري زخمين کي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا ٽريڪٽر ٽرالين، چنگچين ذريعي ڏهرڪي، اوٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو اسپتالن ۾ پهچائيندا رهيا. چئن ڪلاڪن بعد پاڪ فوج جا جوان ۽ رينجر جا جوان به واقعي واري هنڌ پهچي ويا پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر جهاز به واقعي ھنڌ پھچي ويو پاڪ فوج جا جوان به امدادي ڪاررواين ۾ مصروف رھيا انتظاميا مقامي صنعتي ادارن ماڙي پيٽروليم ڪمپني اينگرو ڪيميڪل ڏھرڪي ھيوي مشينري ۽ طبي عملي ۽ ايمبولينسون ساڻ ڪري حصو ورتو جڏهن ڪيترن ئي مسافرن جا لاش بوگين هيٺيان ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن. ريسڪيون ٽيمن جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو گم آھن انهن جا وارث پهتل آھن پر بوگيون هٽائي رهيا آھيون ٿي سگهي ٿو ته ٻيا لاش به واقعي واري هنڌان ملي سگهن. فوتين جي لاشن کي ميرپور ماٿيلو ۽ اوٻاوڙو جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. وارث پنهنجي پيارن جا لاش کڻائڻ لاء سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن کان پهچي لاش کڻائي ويندا رهيا. ڪيترائي لاش اسپتالن ۾ پيل آهن. حڪومت طرفان فوتين جي لاشن کي وارثن تائين پهچائڻ ۾ ڪا مدد نه ڪئي وئي. حڪومت 38 فوتين جي تصديق ڪئي آهي جن مان 20 جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. فوتين ۾ ريلوي ملازم احمد (لاهور)، آصف شهزاد (ننڪانا صاحب)، رب نواز (راولپنڊي)، مومنا (ٽوباٽيڪ سنگهه) قيصر اقبال (خشاب)، دعا فاطمه (خانپور ڪوٽڙا)، سندس ماءُ مائي ساحره، شيروز ارشد (لوڌران)، محمد اسلم (لوڌران)، شبيران (لوڌران) روبينا (لوڌران)، محمد علي (لوڌران)، مقدس (لوڌران)، سميع الله (لوڌران)، طاهره فروين(ٽوبا ٽيڪ سنگهه)، محمد چاند (ٽوبا ٽيڪ سنگهه)مسمات عالم (فيصل آباد)، محمد انور (وهاڙي)، شهلا (وهاڙي) سندس ڌيءُ حريم شامل آهن، جڏهن ته 18 جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. فوتين ۾ 7 ٻارڙا ۽ 12 عورتون شامل آهن. زخمين ۾ نعمان رياض، ڪائنات رياض، ڪوثرخاتون، شاهنواز، عفان احمد، عبدالغفور، حيدرعباس، زهرا عباس، عمارا عباس، مسڪان، نسيم خاتون ۽ ٻيا شامل آهن. جڏھن ته ڪيترن ئي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي فوتين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙن جو به وڏو تعداد شامل آهي اوٻاوڙو اسپتال ۾ 25 لاش ۽ ھڪ سئو کان وڌيڪ زخمي آندا ويا. سخت زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. بوگين ۾ اڃا تائين زنده ماڻهو ڦاٿل آهن جن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. ضلعي گهوٽڪي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، افسوسناڪ واقعي ۾ 43 جي لڳ مسافر فوت ۽ 100 زخمي ٿيا جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري ڊاڪٽرن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون ته جيئن ٽرين جي بوگين ۾ ڦاٿل زخمين جو فوري طور تي علاج ڪري سگهجي. 45 زخمين کي شيخ زيد اسپتال رحيم يارخان منتقل ڪيو ويو جن مان 12 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ريلوي جو وفاقي وزير اعظم سواتي حادثي واري هنڌ پهچي گاڏي ۾ ويهي معائنو ڪرڻ بعد بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي اوٻاوڙو پهتو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آھي جنهن تي دلي صدمو رسيو آھي. وزير اعظم عمران خان جي هدايتن تي هتي پهتو آھيان. ريلوي ۾ هڪ مافيا ويٺل آھي ان خلاف ڪارروائي ڪبي. ٽريڪ ناڪاره ٿيل آھي جنهن سبب هي حادثو پيش آيو آھي. هوڏانهن واقعي واري هنڌ صوبائي وزير سهيل انور سيال، ايم پي اي شهريار شر، ڪمشنر سکر شفيق مهيسر، ڊي آءِ جي سکر واقعي واري هنڌ پهتا. حادثي کان پوءِ ٽريڪ معطل ٿي ويو ايندڙ ويندڙ ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو حادثي جي 18 ڪلاڪن کانپوءِ به ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو هو هوڏانهن ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق حسين مهيسر پاران 51 مسافرن جي فوت ٿيڻ ۽ 100 جي لڳ ڀڳ مسافرن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ريلوي ذميوارن موجب حادثي ۾ ملت ايڪسپريس جون 8 ۽ سرسيد ايڪسپريس جي انجڻ سوڌو 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 13 کان 14 بوگيون پٽڙي تان لٿيون جن مان 8 بوگين کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ضلع انتظاميا جاري ڪيل لسٽ موجب زخمين جو تعداد 120 ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته اطلاع آهن ته صبح جو سوير ڪجهه معمولي زخمي پاڻ ئي هليا ويا آهن. زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي.