دولتپور صفن: نواب ولي محمد ۾ لڳل ڌرڻي سبب پوليس پاران مسافر گاڏين جو روٽ تبديل ڪري دولتپور صفن ماروجا لنڪ روڊ ذريعي ڪيو ويو، جنهن دوران ٽنڊوالھيار کان سوڀو ديرو ويندڙ ڪار سوارن جمال کھڙو، نعيم کهڙو، عبدالستار کھڙو، انور علي ملاح ۽ جاويد ڪلهوڙو کان هٿياربندن روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ورتا، هوڏانهن ڳوٺ ساماڻو راھو واسي راجا راھو ،ڳوٺ بچو راھو واسي نورالدين راھو ۽ منير راھو کان پڻ ھٿيار بندن ڦر ڪئي، ڦر واقعن بابت پوليس کي اطلاع ڪيو ويو،