رنوير کان طلاق جون خبرون: دپيڪا خاموشي ٽوڙي ڇڏي

0
233

رنوير کان طلاق جون خبرون

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پنهنجي مڙس اداڪار رنوير سنگهه کان طلاق بابت خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي

گذريل ڏينهن دپيڪا امريڪي اداڪارا ۽ برطانوي شاهي خاندان جي ننڍي ننهن ميگهن مارڪل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شريڪ ٿي، جتي اُن زاتي زندگي جي حوالي سان ڳالهايو

دپيڪا مڙس کان طلاق بابت اُنهن افواهن بابت ڳالهايو جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن کان گردش ڪري رهيا آهن

دیپیکا پڈوکون امریکی اداکارہ اور برطانوی شاہی خاندان کی چھوٹی بہو، میگھن مارکل کی پوڈ کاسٹ میں بطور مہمان شریک ہوئیں —فوٹو: فائل

دپيڪا چيو ته مان ۽ رنوير ٻئي پنهنجي پروجيڪٽ ۾ مصروف آهيون، اسان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ رنوير پنهنجي هڪ پروجيڪٽ جي ڪري هڪ هفتي کان هن کان پري آهي

اداڪارا جو چوڻ هو ته رنوير سنگهه هڪ هفتي کان ميوزڪ فيسٽيول ۾ مصروف هو ۽ اڄ واپس آيو آهي، هو مون سان ملاقات بعد گهڻو خوش ٿيندو

دپيڪا انهن سڀني افواهن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ اسان گڏ آهيون

واضح رهي ته دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه 14 نومبر 2018ع تي شادي ڪئي هئي

ھي به پڙھندا

شينهن، نانگ يا بگهڙ آسانيءَ سان ڪنٽرول ۾ ڪري سگهان ٿي: رابي پيرزاده