شينهن، نانگ يا بگهڙ آسانيءَ سان ڪنٽرول ۾ ڪري سگهان ٿي: رابي پيرزاده

0
229
ڊانس جون وڊيوز وائرل ڪري

لاهور(شوبز نيوز) اڳوڻي اداڪارا رابي پيرزاده انڪشاف ڪيو آهي ته ڪنهن به جهنگلي جانور کي آسانيءَ سان پنهنجي قابو ۾ ڪري سگهان ٿي. ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي رابي پيرزادو ماضيءَ ۾ وائلڊ لائف طرفان ڪيس ڪرڻ بابت وضاحت پيش ڪئي

رابي پيرزادو چيو ته مان ڪنهن به قسم جي جهنگلي جانور، شينهن، نانگ يا بهگڙ کي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهان ٿي ۽ اهو هنر مونکي خدا طرفان مليل هڪ تحفو آهي

اڳوڻي اداڪارا چيو ته مون خلاف بغير لائسنس جي جهنگلي جانورن کي رکڻ جو ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي جنهن سبب اها تفصيل شيئر ڪري رهي آهي

هن چيو ته منهنجا پنهنجي ذاتي جانور نه هئا، مان هڪ پروگرام لاءِ وئي هيس ته اتي مان ڏٺو ۽ چيو ته هنن سان گڏ تصوير ڇڪرائي ڀارتي وزيراعظم مودي کي ڊيڄاريان ۽ ڌمڪايان ٿي، اها وڊيو وائرل ٿي وئي ۽ وائلڊ لائف وارن مون مٿان ڪيس ڪري ڇڏيو