رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي پراڻي پوسٽ آفيس محلي ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي فائرنگ ڪري پيرسن سومر مرکياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ سومر واهڻ جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو آندو ويو. جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب مرکياڻي ۽ چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي.هوڏانهن مقتول جي ڀاڻيجي شوڪت مرکياڻي جو چوڻ هو ته چنا ذات وارن جو پاڻ ۾ ڪارنهن جي مسئلي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن جو الزام هنن اسان مٿان لڳايو هو، انهن حملو ڪري گھر به ڊاهيا هئا ۽ اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا رهندا هئا.هن چيو ته مامو جيل ۾ هو، جيڪو ڇنڇر ڏينهن آزاد ٿيو هو، کيس قتل ڪيو ويو آهي.رتوديرو ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس مقتول جي پٽ زاهد مرکياڻي جي فرياد تي 9 ڄڻن رجب، امام الدين، غوثو، غلامون، خالد، گلو، مرتضيٰ، نثار ۽ فدا مٿان داخل ڪرايو ويو