رتوديرو: پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي مرکياڻي برادري جي چڱي مڙس غلام عباس مرکياڻي ٻڌايو ته 15 ورهين کان اسان جو چنا برادري سان زمين جي مسئلي تي تڪرار هلندڙ آهي. چنا برادري وارن جو پاڻ ۾ ڪارنهن مامري تان مسئلو ٿيو، انهن جا ٻه ڄڻا قتل ٿيا، چنا برادري جي ماڻهن قتل جو الزام اسان مٿان هڻي اسان جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرايا.اسان مختلف وقتن تي انهن کي چيو ته اسان کان ساک وٺو، يا ڪٿي ويهي ڳالهيون ڪيو پر هنن اسان جي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي ۽ اسان کي ڌمڪيون هئا، نيٺ اسان جي وڏي کي هنن قتل ڪري ڇڏيو .