ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) ايٿوپين ايئرلائين کانپوءَ  ترڪي ويندڙ سياحن لاءِ پي آءِ اي به فلائيٽ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پي آءِ اي 15 نومبر کان پاڪستان کان ترڪي لاءِ هفتيوار 6 اڏامون هلائيندي، پي آءِ اي ۽ ترڪي ايئر لائنز ۾ ٿيل معاهدي تحت پاڪستان کان يورپ، برطانيه ۽ آمريڪا جا مسافر استنبول کان اڏام ڪري سگهندا، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد کان استنبول لاءَ 4  ۽ لاهور کان 2 اڏامون روانيون ٿينديون، پي آءِ اي پنهنجا بوئنگ 777 جهاز ترڪي لاءِ هلائيندي.