ڪنب (ن پ ا) ڪنب ويجهو يتيم نينگر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، ڦاهو ڏئي مارڻ جا چوٻول، معاملو ڳجهارت بڻيل، اطلاع تي ڪنب پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيربخش ميرجت واسي 15 سالن جي نينگر غلام حسن ولد مرحوم غلام علي ميرجت جو لاش ڳوٺ ڀرسان ڪيلن جي باغ مان ٽنگيل حالت ۾ هٿ آيو. علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. ڪنب پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش فوتي نينگر جي جا چاچي خادم حسين حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر جو والد فوت ٿي چڪو آھي. وارثن موجب نينگر هڪ ڏينهن اڳ گهران نڪتل هو. صبح جو ڪيلن جي باغ مان لاش وڻ ۾ ٽنگيل هٿ آيو. علائقي ۾ نينگر کي ڦاهو ڏئي مارڻ جا چوٻول آھن. ٻئي طرف فوتي نينگر جي والد جي سئوٽ خادم حسين ميرجت ٻڌايو ته غلام حسين گذريل ڏينهن جو گهران نڪري ويو هو، صبح جو باغ مان لاش مليو. اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي.