لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) رتوديرو جي جکرا محلا ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زاهد اوڍاڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي جو علاج جاري آهي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان زاهد اوڍاڻو جو پنهنجي ئي ذات جي ماڻهن سان دشمني هلندڙ آهي هن چيو ته خبر ناهي ته دشمن هئا يا ڦورو هن وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان گهٽي ۾ بيٺو هو ته اچانڪ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو آهي جڏھن ته ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.