رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي مبارڪ شاھ قبرستان ۾برسات جو پاڻي بيهڻ ڪري قبرون مسمار ٿي ويون آھن،پاڻي نيڪال لاءِ ميونسپل انتظاميا ڪي به اپاءَ نه ورتا.قبرون مسمار ٿيڻ ڪري نشان پڻ گم ٿي ويا آھن، پنهنجن پيارن جي قبرن تي فاتح خواني ڪرڻ لاءِ ايندڙ شھرين کي پڻ ڏکيائن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏھن ته ميت دفنائڻ لاءِ به ايندڙ ماڻھن کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ميت دفنائڻ لاءِ برساتي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو، رتوديرو واسين ميونسپل انتظاميا کان گهر ڪئي ته قبرستان ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.