ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي مختلف کاتن مڪاني توڙي پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتّظاميه پاران هن مهل تائين ٺٽي جي اڪثريتي شهرن  توڙي ڳوٺن مان برساتن بعد برساتي ۽ گٽرن جي پاڻي پاڻي جي نيڪال جا جوڳاءَ بندوبست ناهن ڪيا ويا ٺٽي شهر جي بخاري پاڙي ، آگر پاڙي ، عقيلي ، قاضي پاڙي ، ڪاشيگر ، اسلام پور پاڙي ، بلوچ پاڙي توڙي شهر جي ڀرپاسي واران ڳوٺن عثمان گندرو ، پنهون چانگ ، مڇارا ڳوٺ ، ڀائي ڪالوني سميت ٺٽي شهر جي ڪچي آبادي مان برساتي ۽ گٽرن جي پاڻي جينيڪال سان گڏ جمع ٿيل گند ڪچري جي صفائي نه ٿيڻ ڪري وڏي پئماني تي هتان جي شهري آبادي ڪيترين ئي موذي بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي جڏهن ته گھٽين توڙي روڊ رستن تي بيٺل گندي پاڻي ۽ گند ڪچري سبب وڏي پئماني تي مکين ۽ مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب هتان جي رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي ٻئي پاسي شهر ۾ پڻ پيئڻ جي صاف پاڻي جي عدم فراهمي ڪري شهري صاف پاڻي بجاءِ برساتن واري گندي پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن جنهنڪري سون جي تعداد ۾ ٻارڙا توڙي عورتون ۽ مرد پڻ ڊائريا ۽ ٻين پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آهن هوڏانهن ضلعي جي سامونڊي تعلقن ڪيٽي بندر ، گھوڙاٻاري ، ساڪرو ۽ کاروڇاڻ جي ڪيترن ئي سم نالن جي پلٽي پوڻ ڪري هيٺائين وارا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري سون جي تعداد متاثر خاندان کلي آسمان هيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آهن چيو وڃي ٿو ته برسات متاثرن جي گھرن جي سخت متاثر ٿيڻ بعد برسات سٽيل کاڌي پيتي جي سهولتن واري کوٽ کي منهن ڏيڻ سان گڏ پيئڻ جي صاف پاڻي کان پڻ محروم آهن جڏهن ته فوري واهر نه ٿيڻ ڪري متاثر خاندانن ۾ پڻ ڪيترن ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي برسات سٽيلن ضلعي انتظاميه کان واهر جي اپيل ڪئي آهي .