ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي امڪاني ٻوڏ ۽  برساتن جي سلسلي ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي.ان موقعي  تي آبپاشي کاتي جي چيف انجنئير محمد اسحاق عباسي بريفينگ  ڏيندي  چيو ته هن وقت درياءَ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، بندن تي سيڪيورٽي جي مسئلن کي جلد حل ڪيو وڃي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته قدرتي آفتن ۽ امڪاني  ٻوڏ  کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. محرم دوران صفائي سٿرائي جي نظام کي به بهتر بڻايو وڃي، بندن تي جانورن لاءِ ڪيمپون لڳائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. آبپاشي کاتو بچاءُ بندن  جي مرمت ۽ حساس هنڌن تي نگراني کي يقيني بڻائي.بندن تي امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل سامان جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي.