رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ويجهو پراسرار نمني گم ٿيل نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو، ٻن ڏينهن بعد وارهه بئراج مان لاش هٿ. خبر موجب بنگل ديرو واسي نوجوان زاهد ڀٽو 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جي چپل، چشمو ۽ ٻيو سامان وارهه بئراج تان مليا هئا، ان ڏس ۾ نوجوان وارهه بئراج ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو، جنهن جو ڪالهه ٻن ڏينهن بعد وارهه بئراج مان لاش هٿ ڪيو ويو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر بنگل ديرو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.