اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين پاران ڪالهه 37هين ڏينهن به گهرن ڀرسان ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا. متاثر ڳوٺاڻن مگهن ڪولهي، گڻيسو، پريمون ڪولهي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ شهنگائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپنين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. گهرن مٿان پاور پلانٽ ٺاهي رهواسين جا لنگھه ۽ رستا بند ڪيا ويا آهن. گئوچر ختم ٿيڻ ۽ رستاروڪ سبب دربدر ٿي چڪا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته کين متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي.