سيوھڻ (ن پ ا) ھفتو اڳ سيوھڻ پوليس جي مبينا تشدد ۾ ڳوٺ مناھيون جي نوجوان راشد لاشاري جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ايس ايچ او سميت 6 جوابدارن خلاف داخل ٿيڻ جي 8 ڏينهن بعد معطل ٿيل ايس ايچ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻي کي گرفتار ڪري سيوھڻ ٿاڻي تي آڻي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب جاچ آفيسر ڊي ايس پي آمري کيس سيوھڻ ٿاڻي تي پھچايو آھي، جوابدار کي رمانڊ لاءِ سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.