اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر 14 آگسٽ جي موقعي تي ملڪ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ 253 شخصيتن کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي ايوارڊ يوم مارچ 23 مارچ 2023ع تي ڏنا ويندا، پاڪستان لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ن ليگ سان تعلق رکندڙ سياستدان سرتاج عزيز، بلوچستان سان تعلق رکندڙ مرحول حاصل بزنجو، رئيس الاحرار چوڌري غلام عباس خان، جسٽس رٽائرڊ رانا ڀڳوان داس، فنڪار ۽ ڪمپوزر احمد غلام علي چاغلا، شاعر صوفي غلام مصطفيٰ تبسم، اداڪار محمد قوي خان، اسڪوائش جي رانديگر جهانگير خان کي نشان امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ تي شيخ عبدالله بن زيد النهيان، پرنس فيصل بن سلمان بن عبدالعزيز السعود، انجنيئر خالد بن عبدالعزيز  سميت 6 غير ملڪي شخصيتن کي حلال پاڪستان ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو  آهي، تعليمي شعبي ۾ ڊاڪٽر خواجا عبدالحئي، انجنيئر پروفيسر احمد فاروق زئي، پروفيسر ڊاڪٽر طلعت نصير پاشا، صحت جي شعبي ۾ خدمتون ڏيڻ تي رضوان حفيظ، انجنيئرنگ جي شعبي ۾ راجا علي رضا انور، آرٽ جي شعبي ۾ رئيس احمد، امجد اسلام امجد، صحافت جي شعبي ۾ مرحوم عارف نظامي، مجيب الرحمان شامي، الطاف حسين قريشي، سماجي خدمتن جي شعبي ۾ بلقيس ايڌي، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا، معروف افضل، سينيٽر طلحا محمود، سينيٽر حلال الرحمان، ڊاڪٽر اعجاز گوهر کي حلال امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پاڪستان لاءِ خدمتن  عيوض ڊاڪٽر جيمس ايم شيرا کي حلال قائد اعظم، ڊاڪٽر محمد افضل جاويد، ظفر الله خان، انجنيئر جاويد قريشي، آرٽ جي شعبي ۾ اداڪار توقير ناصر،  مرحوم رياض شاهد، فخر عالم، حسن جهانگير، ساگر صديقي عرف محمد اختر، انيق احمد، سيد منظر حسن عرف حسن منظر، ڊاڪٽر معين الدين عقيل، شمع خالد، ادب جي شعبي ۾ نصير ترابي، شاڪر شجاع آبادي، ڪوڏي ڪوڏي راند جي شعبي مان چوڌري شافع حسين، ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ بابر اعظم، صحافت جي شعبي ۾ مرحوم ضياءُ الدين، صحافي جاويد چوڌري، نديم ملڪ، عطاءُ الرحمان، مذهبي اسڪالر جي شعبي ۾ ڊاڪٽر انيس احمد، مولانا محمد حنيف  جالنڌري، قبلا اياز، علامه ثاقب رضا مصطفائي، نعت خواني ۾ عبدالرئوف روفي کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صدارتي حسن ڪارڪردگي ايوارڊ طور زرعي شعبي ۾ ڊاڪٽر محمود علي سيال، ڪيمسٽري ۾ عبدالمجيد خان، محمد اعظم خان، چوڌري محمد يوسف، انجنيئرنگ ۾ ذوالفقار احمد خان، ميڊيسن جي شعبي ۾ ڊاڪٽر عائشه صديقه، آرٽ جي شعبي ۾ پروين عرف سنگيتا، عزيز تبسم، محمد حفيظ طاهر، قادر علي شگن، انور حسين وسطڙو، گل زري، عروج آفتاب، الطاف حسين تفو خان، استاد عبدالله خان، نرگس شاهين، انجمن شاهين عرف انجمن، امان الله ناصر، سيد افضل احمد، بشريٰ فرخ، تسڪين ظفر، قوالي شير داد خان عرف شير ميانداد خان، انجم اياز، آر ايم نعيم، سائينداد، محمد جاويد، محمد قمر سلطان، سيد شمعون اشرف هاشمي، عبيد الله درويش دراني، ڊاڪٽر غلام حسن حسنو، رانا افضل حسين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف شاهين قيصراڻي، پروفيسر جهانزيب نياز خان، جمشيد خان دکي، شاعر فرحت عباس شاهه ، ارشد نديم، ارباز خان، ڪراٽي راندين ۾ شاهده، صحافي حافظ طاهر خليل کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي خدمتن عيوض نور جهان بلگرامي، نگار نظر، ادب جي شعبي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر وحيد احمد، نيلم احمد بشير، ڊاڪٽر  شيخ محمد اقبال، سورج نارائڻ عرف نارائڻ لال، نعت خوان اويس رضا قادري، سنڌي صحافي مرحوم اجي لالواڻي، مرحوم صحافي ارشد مستوئي، موسيٰ خان  خيل، عارف خان، ضياءُ الرحمان فاروقي، شاهد زهري کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح مجموعي طرح 253 شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا آهن.