نيويارڪ (م ڊ) گستاخ ليکڪ سلمان رشدي کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي، هو ڳالهائڻ جهڙو ناهي. سلمان رشدي جي ايجنٽ جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ نيويارڪ ۾ ٿيل حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد سلمان رشدي کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، هو هن وقت ڳالهائڻ جي قابل ناهي. ايجنٽ جو چوڻ آهي ته حملي بعد ٿي سگهي ٿو ته هو هڪ اک کان محروم ٿي وڃي. نيويارڪ پوليس جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ طرفان سلمان رشدي جي ڪنڌ ۽ پيٽ ۾ چاقو سان وار ڪيا هئا، جڏهن ته اسٽيج تي موجود پروگرام جي ميزبان تي پڻ چاقو سان حملو ڪيو ويوهو .