اسلام آباد/ ڪراچي/ ملير( نمائندن وٽان) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي 9 تڪن 22، 24، 31، 45 ،108، 118، 237، 239 ۽ 246 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، سڀني  تڪن تي پي ٽي آءِ جي ڪورنگ اميداورن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو عمل به مڪمل ٿي ويو آهي، واضح رهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪو اميدوار هڪ ئي وقت 9 قومي تڪن تان چونڊ وڙهندو. اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب انهن تڪن تي  پولنگ 25 سيپٽمبر تي ٿيندي. هوڏانهن عورتن جي 2 مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ جي شاندانا گلزار، روحيلا حامد ۽ مهوش علي خان به فارم جمع ڪرايا،  ٻئي طرف  ڪراچي جي لياري واري تڪ تي  پ پ جو نبيل گبول،  ملير  تي عبدالحڪيم  بلوچ  ۽ ڪورنگي واري تڪ تي متحده جو عامر خان  عمران خان جو مقابلو ڪندا،  ڪالهه ڪراچي جي لياري واري قومي تڪ اين اي 246 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل جمع ڪرايا، جڏهن ته پي ٽي آءِ  جو استعيفا ڏيندڙ ايم اين اي شڪور شاد سندس ڪورننگ اميدوار هوندو. ان موقعي تي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته لياري هاڻ پ پ جو ناهي رهيو،  2018ع ۾ به اسان هتان کٽيو ھيو، هاڻ به سوڀارا ٿينداسين، هوڏانهن لياري تڪ تي   پيپلز پارٽي طرفان  نيبل گبول، نادر نبيل گبول، اڳوڻي سينيٽر  يوسف بلوچ ۽ جاويد ناگوري  ۽ ايم ڪيو يم جي مريم قريشي ۽ طيب ھاشمي فارم جمع ڪرايا، ٻئي طرف ڪورنگي واري قومي تڪ اين اي 239 تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ اڪرم چيما عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، انهي تڪ تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ نير رضا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آھن، هوڏانهن ملير واري قومي  تڪ اين اي 237 تي عمران خان پاران بلال غفار ۽ اشرف قريشي ڊي آر او آفيس پھچي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، ٻئي طرف صوبائي اليڪشن ڪمشنر آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ملير جي تڪ اين اي 237 تي 21، لياري واري تڪ اين اي 246 تي 24 ۽  ڪورنگي جي تڪ  اين اي 239 تي 24 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آھن، اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙن جا نالا پڌرا ڪيا ويندا ٻئي طرف ملير واري تڪ تي پ پ جي عبدالحڪيم بلوچ ۽ نواز ليگ جي قادر بخش ڪلمتي فارم داخل ڪرايا s