لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف لاهور ۾ قومي جهنڊو لاهي پارٽي جهنڊو لڳائي ڇڏيو، ن ليگ وڊيو شيئر ڪئي. نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ لاهور جي روڊن تي قومي جهنڊو لاهي ان جي جاءِ تي پارٽي جهنڊو لڳائي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ احسن اقبال لکيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جشن آزادي جي موقعي تي لاهور جي روڊن تي لڳايل قومي جهنڊا لاهي ڇڏيا آهن.، احسن اقبال وڌيڪ لکيو ته پي ٽي آءِ قومي جهنڊا لاهي پنهنجي پارٽي جا جهنڊا لڳائي ڇڏيا آهن، ڇا اسان غلام آهيون قومي جهنڊو لاهڻ وارا؟، ڪپتان جو نئون منطق آهي. نواز ليگ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي جهنڊو آزادي جي سڀ کان وڏي علامت آهي، ان کي هٽائڻ ۽ ڏڦيڙ پسند پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪائڻ آزاديءَ جي نظريي تي حملو آھي.