رائونتي (ن پ ا) رائونتي پوليس شڪارپور جي ڳوٺ جاڳڻ ڀيو واسي پيءُ پٽ مقصود احمد ۽ ڪريم بخش ڀيو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪريم بخش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون حڪمت جو ڪم ڪندو آهيان، منهنجي نمبر تي ڪال آئي فون تي ڳالھائيندڙ ماڻهو چيو ته آئون بيمار آهيان اوهان جو نالو ٻڌو آهي علاج لاءِ اچو، علاج لاءِ رائونتي ڪچي وڃي رهيا هئا سين، پوليس اسان کي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي، ڪريم بخش المعروف راڻو فقير چيو ته هڪ ماڻهو ميرپورماٿيلي ۾ اسان سان مليو انهيءَ چيو ته اوهان منهنجي پويان اچو، جڏهن اسان رائونتي ويجهو پهتاسين ته ٻيو وري رائونتي جي علائقي باگو ڊرهو ۾ مليو اهي اسان کي ڪچي طرف وٺي وڃي رهيا هئا جتان رائونتي پوليس اسان کي نيڪ موڙ جي علائقي وٽ پهچي جنهن اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، هوڏانهن رائونتي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته اسان کي ڳجهي اطلاع ملڻ بعد انهن جو پيڇو ڪري ڪچي پهچي انهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي، ڏوهاري مختلف طريقن سان اغوا ڪندا آهن ماڻهن کي، اغوا ڪار ڪندڙن جا سهولت ڪار پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا،انهن جي ڳولها ڪيون پيا جڏھن ته اغوا ٿيڻ کان بچي ويل ٻنھي پي پٽ کي قانوني ڪارروائي بعد ڇڏيو ويندو.