دوداپور (ن پ ا) دوداپور جو رهواسي نوجوان ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، ڀاءُ زخمي، خبر موجب شهر جي منگي محلا واسي 20 سالن جو ساجد منگي ڪراچي ۾ وڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ ماجد منگي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. اطلاع ملڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي جو اڄ مڙهه گهر آڻي تدفين ڪئي ويندي.