رائونتي (ن پ ا) رائونتي پوليس مغوي پورهيت کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي  آهي. گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ جانڻ واسو جو رهواسي راحب واسو 10 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويو هو. ايس ايس پي گهوٽڪي جي پڌرائي موجب پورهيت راحب واسو کي رائونتي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي. ڏوھاري مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا، اطلاع ملڻ تي رائونتي ڪچي کان مغوي کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي،