رائونتي (ن پ ا) پنجاب جي ضلعي اوڪاڙا تعلقي ارنالا گڙد جو رهواسي نوجوان 22 سال جو شان علي ولد محمد امير ماڇي، جيڪو مبينا طور اغوا ٿي ويو هو، بازياب ٿي ويو، جيڪو رائونتي پوليس کي هٿ آيو جنهن کي رائونتي پوليس ٿاڻي تي کڻي وئي، پوليس پاران ڪو به موقف نه ڏنو ويو آهي. نوجوان جو چوڻ هو ته صادق آباد اچي رهيو هئس ته بس ۾ گڏ ويٺل ٻن ڄڻن نشي واري شئي کارائي جنهن کانپوءِ بيهوش ٿي ويس، جڏهن اک کلي ته زنجير لڳل هئا مان ڪچي واري علائقي ۾ ڪنهن وڻ سان ٻڌل هئس، موقعو مليو اتان نڪري ڀڳس پوءِ مونکي هڪڙي وڏيري جي اوطاق نظر آئي اتي پهتس جنهن مونکي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو, جنهن مونکي اغوا ڪري رائونتي ڪچي ۾ رکيو هو. هوڏانهن باخبر ذريعن موجب نوجوان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل هو، جنهن کي ڪچي جي بااثر وڏيري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، علائقي ۾ ڀنگ جا به چوٻول ھلندڙ آهن، پوليس پاران ڪو به موقف نه ڏنو ويو آهي.