مانسره (م ڊ) مانسره ۾ سرن درياهه ۾ گاڏي ڪِرڻ سبب 7 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. مانسره جي علائقي لسان نواب روڊ گوجرا پل ڀرسان هڪ هاءِ روف درياهه سرن ۾ وڃي ڪِري، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين موجب حادثي ۾ فوتين ۾ 2 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي، جڏهن ته 3 ٻارڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال نيو ويو آهي. فوتين ۾ ڊرائيور محمد وزير، اعجاز، پرويز، فريده بي بي، نگينه بي بي ۽ ٻيا شامل آهن.