اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي سينيٽر پلواشا خان وفاقي وزير اسد عمر جي پريس ڪانفرنس تي جواب ڏيندي چيو آهي ته اسد عمر کي گهرجي ته هو حمود الرحمان جي رپورٽ پڙهي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت وڏيون اسپتالون عوام جي مفت علاج لاءِ ٺاهيون آهن، عمران خان پيسا ٺاهڻ لاءِ ذاتي ادارا ٺاهيندو آهي، توهان اسد عمر کي نالائقي سبب ناڻي وزارت جي عهدي تان هٽايو ويو، سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس وصوليون ڪري ڏئي ٿو، وفاق فنڊن ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڪٽوتي سنڌ جي ڪري ٿو.